حاجي محمد عالم عباسي

حاجي محمد عالم عباسي

حاجي محمد عالم عباسي

حاجي محمد عالم عباسي: تعليمدان، شاعر ۽ سماج سڌارڪ حاجي محمد عالم عباسي، 8 جون 1922ع تي ڳوٺ باغ پئي تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. اڍائي مهينن جو هو ته سندس والد محمد حيات ڪلهوڙو گذاري ويو. سندس مامي ڏاتر ڏني. سندس پرگهور لهندي کيس دڦر ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. هوشيار هئڻ ڪري مشهور استادن گيهي مل ۽ گرڏني مل سندس همٿ افزائي ڪئي، اسڪالر شپ به حاصل ڪيائين. 1936ع ۾ هن فائنل جو امتحان پوزيشن سان پاس ڪيو. 1937ع ۾ ملان اسڪول ۾ استاد طور عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين ۽ پوري ايمانداريءَ سان نوڪري ڪندو رهيو. هڪ دفعي ڊاڪٽر دائود پوٽو اتر سنڌ جا اسڪول گهمڻ دوران سندن اسڪول پهتو، سندس خلوص ۽ حاضر دماغيءَ کيس متاثر ڪيو. هن کيس ترقي ڏيئي پهريان هاءِ اسڪول جو استاد بعد ۾ ليڪچرار ڪرايو، جتي هن چار سال ملازمت ڪئي.
حاجي محمد عالم سنڌي، اردو، فارسي، عربي ۽ هنديءَ ۾ عبور رکي ٿو. هن فاضل اردو، سنڌي مولوي، فاضل عربي، منشي فاضل فارسيءَ جا امتحان به نمايان نمبرن سان پاس ڪيا. 1953ع ۾ کيس ڊاڪٽر دائود پوٽي بهترين استاد جو اوارڊ به ڏنو ۽ هڪ تحريڪ ۾
لطف الله بدوي، رشيد احمد لاشاري ۽ محمد عالم عباسيءَ جو ذڪر به ڪيو آهي. حاجي محمد عالم شاعريءَ جي شروعات 1938ع کان
سيد شاهه محمد شاهه جي رهبريءَ ۾ ڪئي. سندس لکيل ڪتابن ۾:
(1) سنڌ جي جاگرافي، (2) معلم اردو، (3) رهبر دين، (4) سفر حجاز،
(5) عالم جي آکاڻي، (6) عالم جو ڪلام شامل آهن.
هن رٽائرمنٽ کانپوءِ علائقي ۾ ڪافي فلاحي ڪم به ڪرايا آهن. مهراڻ ماڊل اسڪول پني عاقل جي باني ميمبرن مان آهي، ان جو 5 سال چيئرمئن به رهيو. سٺو زرعي ماهر پڻ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.06.08  عيسوي

تعليمدان، شاعر ۽ سماج سڌارڪ حاجي محمد عالم عباسي، 8 جون 1922ع تي ڳوٺ باغ پئي تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آصف مٺياڻوي
امتياز دانش
بيدل دهلوي
اعظم شاهه بقاپوري
آخوند فقير محمد عاجز
علي محمد ساغر سيوهاڻي
ابڙو روبينا
امام علي شاهه
صبا اڪبر آبادي
درياڻي هري دلگير
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون